| پرڏيهه ۾ رهندڙ ڀتاخورن جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرائڻ لاءِ سنڌ سرڪار جو وفاق سان رابطو |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھ سنڌ اسيمبلي چيو آهي ته ڀتا خورن ۽ ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ ڀتا خوري جي شڪايتن تي بلڊرن جي تنظيم آباد جي اڳواڻن سان اهم اجلاس به ڪيو آهي، آباد سميت مختلف ڪاروباري ڌريون ڪارروائي مان مطمئن آهن، اسان جو وفاق سان به رابطو ٿيو آهي، پرڏيهه ۾ رهندڙ ڀتاخورن جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرائبا، سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اها ڳڻتي جي ڳالهه آهي ته جڏهن هڪ ڏوهاري کي ختم ڪيو وڃي ٿو ته ٻيو سامهون اچي ٿو اهڙي معاملي کي منهن ڏيڻ لاءِ انٽيليجنٽس بنيادن تي ڪاروايون جاري آهن. هن وڌيڪ چيو ته نه رڳو مُلڪ ۾ ويٺل پر پرڏيهه ويٺل سهولتڪارن ۽ هينڊلرز خلاف به ڪاروائي ضروري آهي، انهي لاءِ وفاق کي خط لکيو آهي، سنڌ حڪومت جي خط جي جواب ۾ وفاق چيو آهي ته پرڏيهه مان ڀتاخوري ۽ دهشتگردي ۾ سهولتڪاري ڪندڙن خلاف ريڊ وارنٽ جاري ٿيندا. مراد علي شاھ چيو ته ماضي ۾ پوليس، رينجرز ۽ انٽيليجنٽس ادارن جي گڏيل ڪوششن ذريعي ڀتا خوري تي ضابطو آندو هو، هاڻي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙا نتيجا حاصل ڪندي.هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي صنعتي علائقن جي انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ 9.28 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي، هن چيو ته سومر کان ترقياتي ڪم شروع ڪري 6 مهينن اندر مڪمل ڪيا وڃن.