پرڏيهه ۾ نوڪرين بهاني فراڊ: اداڪارا ديدار جو مڙس گرفتار

پرڏيهه ۾ نوڪرين بهاني فراڊ: اداڪارا ديدار جو مڙس گرفتار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) انساني اسمگلنگ ۽ پرڏيهه ۾ نوڪرين بهاني فراڊ الزام ۾ اداڪارا ديدار جو مڙس گرفتار ٿي ويو. ذريعن مطابق ڪارروائي ايف آءِ اي اسلام آباد ۽ لاهور جي ٽيمن گڏيل انسپيڪٽر عبدالله ڪياني جي اڳواڻي ۾ ٽيم ڪاروائي ڪئي. جنهن دوران جوابدار جي 8 گارڊن طرفان مزاحمت ڪئي وئي، جنهن بعد صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پنجاب پوليس کان مدد طلب ڪئي وئي. ڪارروائي دوران ايف آءِ اي اسٽيج اداڪاره ديدار جي مڙس جهانزيب کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن کي بعد ۾ لاهور مان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو. جاچ اختيارين موجب جوابدار ايف آءِ اي اسلام آباد زون کي گهربل هو ۽ هو پرڏيهه ۾ روزگار ۽ ڀرتين جو لالچ ڏئي هزارين ماڻهن کان وڏي رقم وصول ڪري چڪو آهي. ذريعن موجب جوابدار اسلام آباد جي سيڪٽر جي اليون ۾ به پنهنجو آفيس قائم ڪئي، جتان هو ماڻهن کي ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪريون ڏيڻ جا ڪوڙا واعدا ڪري رقم وصول ڪندو رهيو. جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته جوابدار اسلام آباد مان فرار ٿيڻ بعد لاهور ۾ ساڳيو ڪاوربار جاري رکيو هو. ذريعن مطابق اسٽيج اداڪاره ديدار به مبينا طور پنهنجي مڙس سان گڏ ان ڪاروبار ۾ ملوث آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ اهم انڪشافن جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي. ذريعن مطابق شهرين هن معاملي ۾ ڪارروائي لاءِ آرمي چيف کي به درخواست ڏني هئي.