پرڏيهه ۾ پاڪستاني سائبر ڪرائيم لاءِ استعمال ٿيڻ جو انڪشاف

پرڏيهه ۾ پاڪستاني سائبر ڪرائيم لاءِ استعمال ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ بين الاقوامي منظم ڏوهاري ٽولن ۽ انساني اسمگلرن جو نيٽ ورڪ سرگرم آهي، جيڪو پاڪستانين کي پرڪشش نوڪرين جو لالچ ڏئي ٿائلينڊ، ميانمار ۽ ڪمبوڊيا موڪلي رهيو آهي. ذريعن موجب متاثر ٿيندڙ پاڪستانين کي وزٽ ويزا تي انهن ملڪن ڏانهن اماڻيو وڃي ٿو، جتي پهچڻ کان پوءِ کين غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث ڪيو وڃي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪمبوڊيا ويل 3313 پاڪستاني واپس نه موٽيا آهن. انهن مان ڪيترن کي ڪمبوڊيا ۾ قائم سائبر اسڪيم سينٽرن ۾ زبردستي ڪم ڪرائڻ جا انڪشاف سامهون آيا آهن. ڪمبوڊيا ۾ قائم غيرقانوني جعلي ڪمپنيون دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڏي پيماني تي آن لائن فراڊ ۾ ملوث آهن، واپس نه ايندڙ پاڪستانين کي به انهن اسڪيم سينٽرن ۾ زبردستي ڪم ڪرائڻ جون رپورٽون مليون آهن. 2026ع ۾ 395 پاڪستاني ڪمبوڊيا ويا، جن مان 189 واپس نه آيا آهن.