| پرڏيهي ترجمان رهائشي عمارتن پويان ميزائل فائر جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي |
تهران (م ڊ) ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل باغائي علائقائي ملڪن تي ايران جي حملن جو دفاع ڪندي چيو آهي ته ايران تي ميزائل انهن ملڪن جي رهائشي علائقن مان فائر ڪيا ويا. هن ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته هي انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي خطي جي ملڪن ۾ آمريڪي اثاثن تي حملن جي مخالفت ڪري رهيا آهن. هن هڪ وڊيو به شيئر ڪئي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ عمارت جي پويان هڪ کليل علائقي مان ٻه پروجيڪٽائل فائر ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته ايران تي پاڙيسري ملڪن جي رهائشي علائقن مان ميزائل فائر ڪيا ويندا آهن ۽ آمريڪي جنگي جهاز ايران تي حملو ڪرڻ لاءِ پاڙيسري ملڪن جي هوائي حدن کي استعمال ڪندا آهن ۽ اهو سڀ ڪجهه علائقائي سلامتي لاءِ خطرو آهي.