| پرڏيهي حمايت رکندڙ دهشتگردن جي هوندي قومي سلامتي جو بچاءُ ڪبو: فيلڊ مارشل |
راولپنڊي (م ڊ) فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته پرڏيهي حمايت يافتا دهشتگردي ۽ ڏکين چئلينجز باوجود هٿياربند فوج قومي سلامتي لاءِ پُرعزم آهن. 27هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن سان جي ايچ ڪيو جي دوري ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته انٽيليجنس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به قومي سلامتي لاءِ پيشيوارڻي مهارت ۽ عزم جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. علائقائي صورتحال تيزي سان بدلجي رهي آهي، جيو پوليٽيڪل مقابلو وڌي رهيو آهي ۽ سرحد پار دهشتگردي ۽ هائبرڊ حربن جا اثر واضح آهن. هن چيو ته پاڪستان هڪ اهم ملڪ آهي ۽ پنهنجي حيثيت موجب دنيا ۾ مقام حاصل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. پاڪ فوج جي صلاحيت، جذبو ۽ عزم عالمي سطح تي پاڪستان جي وقار ۾ واڌارو ڪيو ۽ اسان جي سڀ کان وڏي طاقت قومي ايڪو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج لاءِ ملڪ جي سرحدي سالميت، سلامتي ۽ هر شهري جو تحفظ پهرين ترجيح آهي، ملڪ جي سالميت ۽ هر شهري جي تحفظ ۾ ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي ۽ اسان پنهنجي دشمنن جا سمورا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائينداسين. فيلڊ مارشل عاصم منير وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان مڪمل سهڪار جاري رکڻ جو عزم ورجايو ۽ چيو ته پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل قومي ڪوششون ۽ ادارتي هم آهنگي انتهائي ضروري آهي. آءِ ايس پي آر موجب شرڪت ڪندڙن کي غير قانوني سرگرمين خلاف جاري قومي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ شرڪت ڪندڙن کي منشيات جي سمگلنگ ۽ منظم ڏوهاري نيٽ ورڪن خلاف آپريشنز، بهتر بارڊر ڪنٽرول ۽ غير قانوني پرڏيهي شهرين جي واپسي واري معاملي تي تازي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. سوال جواب جو سيشن به ٿيو. آءِ ايس پي آر موجب ايران جي سپريم نيشنل سڪيورٽي ڪونسل جي سڪيريٽري علي لاريجاني جي ايچ ڪيو جو دورو ڪيو، آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪ- ايران لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.