پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ قدمن جي منظوري: معاشي بحالي لاءِ ڀرپور سهڪار جاري رهندو: آرمي چيف
نومبر 25, 2023
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ھيٺ ايس آءِ ايف سي اپيڪس ڪاميٽيءَ جو خصوصي اجلاس ٿيو، جنھن ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وفاقي وزيرن ۽ اعليٰ سول، عسڪري اختيارين شرڪت ڪئي. پڌرائيءَ مطابق دوست ملڪن سان اسٽريٽجڪ پارٽنر شپ کي مضبوط ڪرڻ تي غور ڪيو ويو، اپيڪس ڪاميٽي اجلاس ۾ دوست ملڪن سان جاري تعاون جو جائزو ورتو ۽ مختلف منصوبن جي جلد تڪميل جي ھدايت ڪئي. اپيڪس ڪاميٽي غيرملڪي سيڙپڪاري متعلق ڪيترن ئي قدمن جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏني. نگران وزير اعظم لاڳاپيل وزارتن جي ڪارڪردگيءَ جي واکاڻ ڪئي ۽ ھدايت ڪئي ته تمام اسٽيڪ ھولڊرز ڊگھي مدتي اقتصادي فائدن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. آرمي چيف جنرل عاصم منير پاران معيشت جي بحالي جي لاءِ قدمن متعلق مڪمل حمايت جو عزم ورجايو.