پرڏيهي شهري پاڪستان اچي پاسپورٽ ڦاڙي ٿا ڇڏين، ملڪ عالمي يتيم خانو بڻجي ويو آهي: مدد سنڌي
نومبر 4, 2023
ڪراچي ۾ چوٿين لطيف آرٽ اينڊ لٽريچر فيسٽيول جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن
تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي فيسٽيول جو افتتاح ڪيو
افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته هيڪ کي چيو آهي ته اجايون پي ايڇ ڊيز ڏيڻ بند ڪيو، رڳو ڪراچي ۽ سنڌ يونيورسٽي پي ايڇ ڊي جون ڊگريز ڪرائينديون
هن چيو ته، ٻاهران ايندڙن کي روڪڻ ضروري آهي، 40 سالن کان جيڪو اچي ٿو پاسپورٽ ڦاڙي ويهي رهي ٿو، هي عالمي يتيم خانو بڻجي ويو آهي، ڪير عرب ملڪن ۾ ته ائين رهي ڏيکاري