پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو چالان تيار: اڄ جمع ٿيندو: 11 ڄڻا نامزد: عمران خان مک جوابدار قرار

پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو چالان تيار: اڄ جمع ٿيندو: 11 ڄڻا نامزد: عمران خان مک جوابدار قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني پي ٽي آءِ خلاف فارن فنڊنگ ڪيس جو چالان تيار ٿي ويو. ذريعن مطابق ايف آءِ اي پاران چالان اڄ اربعه ڏينهن تائين جمع ڪرايو ويندو، چالان ۾ مجموعي طور 11 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي. باني پي ٽي آءِ کي فارن فنڊنگ ڪيس ۾ مرڪزي جوابدار قرار ڏنو ويو، ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ايف آءِ اي چالان ۾ طارق شفيع، حامد زمان ۽ ٻيا شامل آهن، عارف نقوي، طارق رحيم شيخ سميت ٽن جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي. ذريعن مطابق چالان ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته دنيا جي مختلف ملڪن مان پي ٽي آءِ اڪائونٽ ۾ 1800 ٽرانزيڪشنون ٿيون، پي ٽي آءِ اڪائونٽ ۾ رقم نيئن پاڪستان جي نالي سان آئي. جوابدارن تي 2.1 ملين ڊالر جي غيرقانوني فنڊنگ جو الزام آهي. پي ٽي آءِ کي 2.1 ملين ڊالر رقم ووٽ آن ڪرڪٽ لميٽيڊ نالي ڪمپني موڪلي. پي ٽي آءِ پاران اليڪشن ڪميشن کي ڏنل رڪارڊ موجب ڪمپني عارف نقوي جي ملڪيت آهي، پي ٽي آءِ پاران جمع ڪرايل رڪارڊ موجب ڪمپني ڪيمين آئرلينڊ ۾ رجسٽرڊ آهي. ڪمپني جعلي آهي ۽ ڪٿي به رجسٽرڊ ناهي. اسپيشل ڪورٽ ايف آءِ اي کي چالان جمع ڪرائڻ جي هدايت ڏئي چڪي آهي. ٻئي طرف خصوصي عدالت جي جج عبدالغفور ڪاڪڙ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اسپيشل پراسيڪيوٽر واثق ملڪ ۽ جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا. جسٽس عبدالغفور ڪاڪڙ ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان ٻڌايو ته چالان جي ڪهڙي صورتحال آهي. پراسيڪيوٽر واثق ملڪ چيو ته چالان مڪمل تيار ٿي چڪو آهي، اسان جي طرفان اڄ يا سڀاڻي رجسٽرار وٽ جمع ٿي ويندو. عدالت مرڪزي ڪيس جي ٻڌڻي 21 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.