پرڏيهي مهمانن کي ڀليڪار: ڪاميابي لاءِ دعا ڪريون ٿا:  پي ٽي آءِ

پرڏيهي مهمانن کي ڀليڪار: ڪاميابي لاءِ دعا ڪريون ٿا:  پي ٽي آءِ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف چيو آهي ته اسلام آباد ۾ جاري آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ دل سان دعاگو آهيون۔ اميد آهي ته اهم مشاورت مثبت ۽ گڏيل طور فائديمند نتيجو ڏيندي، جنهن سان نه رڳو امت مسلمه جي گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو پر پاڪستان جي حڪمتِ عملي وارن مفادن کي به مضبوط ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي ڏئي سگهجي ٿو. ٻئي طرف بيرسٽر گوهر چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ڳالهين لاءِ پاڪستان ايندڙ معزز مهمانن کي محبت ۽ وقار سان ڀليڪار چئون ٿا. دعا آهي ته وچ اوڀر ۾ پائيدار ۽ ڊگهي مدي وارو امن قائم ٿئي. اسان امن واري عمل ۾ شامل سڀني ماڻهن جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. دنيا جي امن ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ پاڪستان لاءِ فخر جو باعث آهي. اميد آهي ته اسلام آباد ڳالهيون وچ اوڀر ۾ مستقل ۽ پائيدار امن لاءِ اهم سنگِ ميل ثابت ٿينديون.