گذيل ڪيترن ئي ڪالمن ۾ لکندو آيو آھيان ته پيارو پاڪستان پنهنجي ظھور ۾ اچڻ کان وٺي حياتي جي ستين ڏهاڪي ۾ پهچڻ تائين ساڳين مسئلن ۽ ساڳين پاليسين تي ڪاربند ٿيو بيٺو آھي، جنهن سبب سندس ترقي ڪرڻ جون سڀئي راهون ڄڻ ته بند ٿي چڪيون آھن ۽ هو پنهنجي وجود بچائڻ جي جنگ وڙھي رهيو آھي۔
اهڙي صورتحال جي پندرنهن آنا جوبداري پنجاب جي اليٽ ڪلاس مٿان عائد ٿئي ٿي، جنهن جي پاليسين سبب ملڪ موجوده حالت کي پهتو آھي۔ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جا بنياد به ان طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻھن رکيا هئا، جيڪي پنجهتر سالن کان قائم ۽ دائم رهندا اچن ٿا۔ اهڙي صورتحال جتي حساس رياستي تنصيبات تي حملا ٿيندا هجن، اتي ملڪ جي سياستدانن ۽ اسٽيبلشمنٽ کي پوئين دور ۾ روا رکيل سڀني پاليسين تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آھي۔ شھيد بيبي، ڊوميسائيل جي عنصر کي سياست عدالت ۽ حق حڪمراني تائين الائي ڇو محدود رکيو هو، جيڪو بنيادي طور لامحدود آھي۔ سنڌين بلوچن ۽ پختونن کان رياستي ڪاروبار ۾ ڪڏهن به صلاح نه ورتي وئي ۽ اندروني پاليسين سان گڏ پرڏيهي پاليسي به پنجابي بورجوا جي مرضي تي تعمير ۽ وري وري تعمير ٿيندي رهي آھي۔
اها هڪ حقيقت آھي ته رياست تڏهن مضبوط ٿيندي، جڏهن ان جو دفاع مضبوط هوندو، ۽ دفاعي مضبوطي جو اصل مدار اقتصاديات تي آھي. پاڪستان جي اقتصادي ۽ معاشي صورتحال اسان سڀني اڳيان موجود آھي۔ معاشي ترقي ماڻڻ جا ڪهڙا پئمانا هجن، انهن تي عملدرآمد ڪيئن ٿيڻ گھرجي، اها ڳالهه اقتصادي ۽ معاشي ماهر ئي ٻڌائي سگهن ٿا پر منهنجي خيال ۾ معاشيات کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جو ٻيهر جائزو وٺڻ جي ضرورت آھي۔ آئي آر جو هر شاگرد “علائقائي تعاون ” regional cooperation کي معاشي ترقي جي هڪ پيماني طور ڏسندو ۽ محسوس ڪندو آھي۔ خطي يا ريجن ۾ موجود پاڙيسري ملڪن وچ ۾ سٺن رابطن، واپار، سياحت، تعليم، ادب ۽ اقتصادي لاڳاپا علائقائي تعاون جي ذمري ۾ شامل آھن۔ جيتوڻيڪ علائقائي لحاظ سان پاڪستان ڏکڻ ايشيا جو حصو آھي پر نهرو پنهنجي مشھور ڪتاب Discovery of India ۾ خليج فارس کان وٺي هند چيني Indo China يعني لائوس ۽ ويٽنام تائين سنڌو تهذيب جي ثقافتي اثرن کي ساراهيو ۽ فخر ڪيو آھي۔ ان لحاظ کان پاڪستان جون علائقائي حدون ڏکڻ ايشيا تائين محدود نه رکڻ گھرجن پر اولهه ايشيا Middle East ۽ Far East ڏور اوڀر تائين علائقائي تعاون کي وڌائڻ ۽ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آھي۔ مٿي ذڪر ڪيل خطن ۾ شامل اسان جا پاڙيسري ملڪ ڀارت، چين، افغانستان ۽ ايران آھن۔ بدقسمتي سان سواءِ چين جي ٻين ٽنهي پاڙيسرين سان اسانجا سفارتي ميدان تي سهڪار کان سواءِ علائقائي تعاون ۽ ترقي تي ڪو به واضح ناتو رشتو ڪونهي۔
اها حقيقت آھي ته ڪنهن دور جي ترقي پذير ملڪن، جن کي Third world جي نالي سان سڏيو ويندو هو، تن جو سائنس، ٽيڪنالاجي، معاشيات ۽ فوجي ساز سامان جو انحصار دنيا جي ترقي يافته ملڪن تي هوندو هو. تڏهن پاڪستان سان گڏ ڀارت، چين، ايران توڙي افغانستان دنيا جي غريب ملڪن ۾ شمار ٿيندا هئا. اڄ جي امير ملڪن جي فهرست ۾ چين ۽ ڀارت کي دنيا جي اهم اقتصادي ملڪن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو۔ ايران به اقتصادي پابندين باوجود اسان کان گهڻو اڳتي نڪري چڪو آھي۔ جڏهن ته اقتصادي ترقي جي فهرست ۾ اسان جو نمبر نوانوي آھي۔ اسان جا پاڙيسري ملڪ جيڪڏهن اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان تي مستحڪم آھن ته پوءِ ڇو نه انهن سان وڻج واپار جا لاڳاپا وڌائجن۔ ورهاڱي وقت جناح ۽ گانڌي به ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري رشتا قائم رکڻ تي زور ڀريو هو۔
هن ريجن کي وڏا مدبر سياستدان به مليا آھن، جن ۾ نهرو، چو اين لائي ۽ شاه ايران سر فهرست آھن پر بدقسمتي اها آھي ته علائقائي تعاون ۽ ترقي جي ڏس ۾ انهن به سياست کي وڌيڪ ترجيح ڏني. اهڙي ترجيح جهڙي سياست ۾ مولوي مذھب کي ڏيندو هجي۔ ٻئي طرف نظرياتي طور ورهايل يورپ جو مثال اسان اڳيان آھي۔ سرمائيداري جي نظريي تي ڪاربند هوندي به مغربي يورپ روس جي گيس ۽ پيٽرول کي سرخو نه سمجهيو ۽ نه ئي اهو خوف طاري رکيو ته ته متان ڪو روسي تيل يورپي جي عوام کي سوشلسٽ بنائي وجهي۔ تنهنڪري روس به ترقي ڪئي ته جرمني پڻ۔ هتي اسان کي به ان خوف مان نڪرڻو پوندو۔ افغانستان، ڀارت ۽ ايران سان واپاري لاڳاپا وڌائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ وقت جي ضرورت آھي۔ اتان آيل شيون اسان کي ترتيبوار طالبان، ڪافر يا شيعو نه بنائينديون، بلڪه اقتصادي استحڪام جو سبب بنبيون۔ تنهنڪري پرڏيهي پاليسي کي جيو اڪنامڪ بنيادن تي استوار ڪرڻ وقت جي ضرورت آھي۔