پسند جي شادي: تامل اداڪاره نندني آپگهات ڪري ڇڏيو

 پسند جي شادي: تامل اداڪاره نندني آپگهات ڪري ڇڏيو

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) هندستاني تامل ۽ ڪنڙ فلمن جي اداڪاره نندني والدين پاران سندن مرضي جي شادي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ تان خودڪشي ڪري ڇڏي.  ميڊيا موجب اداڪاره نندني سي ايم بنگلور ۾ پنهنجي گهر ۾ خودڪشي ڪئي،  مرڻ کان اڳ هن هڪ لکيل نوٽ به ڇڏيو، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته مٿس شادي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ هو، جڏهن ته هو  ذهني طور تي شادي لاءِ تيار نه هئي، نندني پنهنجي نوٽ ۾ لکيو ته والدين سندس مرضي خلاف شادي تي مجبور ڪري رهيا هئا، آئون جذباتي دٻاءُ هيٺ هيس. ميڊيا موجب، هي حيرت انگيز اتفاق آهي. نندني کي تازو ئي تامل سيريل “گوري” ۾ زهر پيئندي ڏيکاريو ويو هو.