ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پسند جي شادي ڪندڙ نمرا ڪاظمي خلع لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو، 18 اپريل 2022 تي نجيب شاهه رخ سان پسند جي شادي ڪئي، نمرا ڪاظمي خلع لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي
درخواست ۾ نمرا ڪاظمي چيو آهي ته شاهه رخ مون کي بنا ڪنهن سبب جي تشدد جو نشانو بڻائيندو هو، 5 هزار رپيا حق مهر طئي ٿيو جيڪو اڃا تائين ناهي ڏنو، آئون هاڻ نجيب شاهه سان نه پر والدين سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي
واضح رهي ته ڪراچي سان تعلق رکندڙ نمرا ڪاظمي لاپتا ٿي وئي هئي جنهن بعد اها ڳالهه سامهون آئي ته هن نمرا تونسه سان تعلق رکندڙ نوجوان نجيب سان ڊيرا غازي خان ۾ شادي ڪئي آهي
9 مهينا اڳ نمرا ڪاظمي کي عدالت والدين سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏني هئي، نمرا عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته مڙس تشدد ڪندو هو، مڙس سان گڏ نٿي رهڻ چاهي، ان وقت نمرا جي والده چيو هو ته نمرا جي سس فون ڪري چيو ته پنهنجي ڌيءُ کي وٺي وڃو، اسان کي پنهنجي ڌيءُ ملي وئي.