پسند پرڻي لاءِ نڪرندڙ نارين جي پلاند ۾ عورتون اغوا ٿيڻ جا واقعا وڌي ويا

جُون 16, 2023

فريد آباد/اڪري چودڳي (رپورٽ: اقرار چانڊيو/ امير حيدر شر) فريدآباد ويجهو مبينا پسند پرڻي لاءِ نڪتل ناري جي پلاند ۾ هڪ عورت کي اغوا ڪيو ويو، جنهن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي

ڳوٺ ڌامراهه واھه ۾ اهڙو واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل رات نوجوان عبدالوحيد چانڊيو جي گهر ۾ هٿياربندن گهڙي سندس ڀاءُ شاھل چانڊيو، حسين چانڊيو کي ڌڪ ھڻي زخمي ڪري ورتو ۽ نوجوان جي ڀاڄائي 4 ٻارڙن جي ماءُ ڳورھاري زاھدان چانڊيو کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن

زخمي شاھل چانڊيو پاران علي حيدر سولنگي ۽ ٻين خلاف گهر واري کي  اغوا ڪرڻ جي اين سي داخل ڪئي وئي آهي

زخمين  شاھل ۽ حسين کي علاج لاءِ ميھڙ نيو ويو آهي. ٻي طرف واقعي بعد ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مورچا بند بڻيل آهن جنهن سبب خون ريزي جو خطرو پڻ وڌي ويو آهي.

ياد رهي ته ھڪ مھيني اندر فريدآباد ٿاڻي جي حد ۾ پرڻي تان نڪتل نارين جي پلاند ۾ عورتون اغوا ٿي وڃڻ جا 3 واقعا ٿي چڪا آهن فريدآباد پوليس ڪابه عورت بازياب نه ڪرائي سگهي آهي

هوڏانهن اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ جهانيان آباد ۾ پسند پرڻي جي پلاند ۾ اغوا ٿيل عورت ۽ ٻن معصوم  ٻارن جي بازيابي لاءِ وارثن پاران پريس ڪلب اڪري چودڳي اڳيان لڳل احتجاجي ڪئمپ اٺين ڏينهن به جاري رهي

احتجاجي ڪيمپ تي ويٺل محمد پريل، حسينا، امينا، شعيب ۽ ٻين وارثن چيو ته مسمات الهه جوائي ۽ ٻن پٽن احسان ۽ زوهيب کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، هنن چيو ته عورت ۽ٻارن جي آزاي لاءِ پوليس ڪو قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي جنهن سبب اسان ۾ مايوسي ڇانيل آهي

وارثن چيو ته  اسان کي احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ ڌمڪايو پيو وڃي، جاني مالي نقصان جو خطرو پڻ آهي

 واضع رهي ته مسمات الھه جوائي ۽ سندس 2 معصوم پٽ احسان علي، ذوهيب علي اڪري ٿاڻي جي حد ڳوٺ جهانيان آباد مان ناري جي پلاند ۾ اغوا ٿيا هئا

Leave A Comment