پسوڙي فيم گلوڪاره شي گل ڊرون جي ٽڪر ۾ زخمي

پسوڙي فيم گلوڪاره شي گل ڊرون جي ٽڪر ۾ زخمي

اسلام آباد (ڪلچرل ڊيسڪ) پسوڙي فيم گلوڪاره شي گل هتي ڪنسرٽ ۾ پرفارم ڪندي زخمي ٿي پئي. گلوڪاره شي گل جو ڪنسرٽ اسلام آباد جي پاڪ ويو سٽي ۾ ٿيو، جنهن ۾ مداحن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. گلوڪاره شي گل جي پرفارمنس دوران وڊيو رڪارڊ ڪندڙ هڪ ڊرون ساڻس ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب  هوءَ زخمي ٿي پئي. سوشل ميڊيا تي وڊيوز پڻ سامهون آيون آهن، جن ۾ ڊرون کي ڳائڻي سان ٽڪرائيندي ڏٺو وڃي ٿو.  واقعي کان پوءِ ڳائڻي چيو ته ڊرون تمام تيز هو، جنهن ڪري سندس هٿ زخمي ٿي پيو.