| پشاور آپگهاتي ڌماڪي جا بمبار افغاني هئا: نادرا جي تصديق |
پشاور (م ڊ) فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) هيڊ ڪوارٽر تي آپگهاتي ڌماڪي بابت جاچ ۾ حملي آورن جي افغان شهري هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. جاچ اختيارن موجب نادرا ٽنهي حملي آورن جي افغان شهريت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، پر نادرا کي حملي آورن جا وڌيڪ تفصيل ملي نه سگهيا آهن. ڌماڪي بابت هينئر تائين 100 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کان جاچ ڪئي وئي آهي، حملي آورن جي رحمان بابا قبرستان کان فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر تائين آمد جي فوٽيج حاصل ڪئي وئي آهي. جاچ اختيارين موجب جاچ ٽيم سهولتڪارن جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي، حملي واري ڏينهن آپگهاتي حملو ڪندڙن جي استعمال هيٺ ڪوبه موبائل فون نه هو، ياد رهي ته 24 نومبر تي فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽرز ۾ آپگهاتي ڌماڪو ٿيو هو.