پشاور جا کدڙا پوليس خلاف اٿي پيا، اڄ ڌرڻي جو اعلان

جُون 11, 2023

پشاور (م ڊ) پشاور ۾ کدڙن فقيرن پوليس خلاف اڄ ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو. چيئرمين ٽرانس ايڪشن الائنس فرزانا رياض هڪ وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته کدڙن فقيرن جي قتل ۽ انهن تي تشدد جي واقعن ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي

 ۽ پوليس کدڙن فقيرن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام آهي. هن چيو ته پوليس کدڙن فقيرن تي تشدد ڪندڙن سان مليل آهي جڏهن ته ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ ۾ به کدڙن فقيرن کي کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

 سندس چوڻ هو ته پوليس جي رويي خلاف اڄ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ڌرڻو ڏينداسين جنهن ۾ سڄي صوبي جا کدڙا فقير شريڪ ٿيندا.

لاڳاپيل پوسٽون

  • جيڪب آباد: واپاري کان 3 لک رپيا ڦر

  • گمبٽ مسافر وين ڪلٽي

  • ڪي پي: ڪوهستان اسڪينڊل

  • لياري ۾ عمارت جي ڇت ڪري پئي