پشاور (پنهنجي ڊيسڪ) پشاور جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 30۾ ووٽ وجهڻ کي گناهه قرار ڏيندي پابندي بابت پمفليٽ ورهايا ويا، پمفليٽس ۾ چيو ويو آهي ته ووٽ جو استعمال شرعي ناجائز آهي
پمفليٽ علائقي سب ڊويزن حسن خيل ۾ ورهايا ويا آهن، پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جي عبدالرحيم گروپ پاران ورهايل انهن پمفليٽس م تڪ اين اي 30 ۾ ووٽ ڏيڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي
پمفليٽس جي متن ۾ ووٽ جي استعمال کي غير شرعي قرار ڏيندي ان کي جمهوريت ۽ اسلام مخالف نظام قرار ڏنو ويو آهي
پمفليٽس ۾ چيو ويو آهي ته ووت عورت کي به حڪراني جو حق ڏئي ٿو جيڪو اسلام ۾ جائز نه آهي، ووٽنگ ۾ مسلمانن جي ٻڌي ورهائجي ٿي، ان ڪري ووٽ وجهي اسلام جي رستي ۾ رنڊڪ نه بڻجو
پمفليٽس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ووٽ وجهڻ گناهه آهي تنهنڪري ان گناهه کان بچڻ گھرجي