پشاور زلمي جي ڪراچي ڪنگز کي 159 رنز تان بدترين شڪست

پشاور زلمي جي ڪراچي ڪنگز کي 159 رنز تان بدترين شڪست

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ 11 جي 17هين ميچ ۾ پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي 159 رنز جي وڏي مارجن سان هارائي ڇڏيو، ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي پشاور زلمي کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، پشاور زلمي بابر اعظم ۽ ڪوشال مينڊس جي شاندار اننگز جي بدولت ڪراچي ڪنگز کي 247 رنز جو هدف ڏنو، ڪوشال مينڊس 109 رنز جي شاندار اننگز کيڏي، بابر اعظم 51 بالن تي 87 رنز ٺاهيون، بابر ۽ ڪوشال وچ ۾ پي ايس ايل تاريخ جي سڀ کان وڏي ڀائيواري يعني ٻي وڪيٽ تي 191 رنز جي پارٽنرشپ قائم ٿي، عبدالصمد 12 بالز تي 40 رنز ٺاهيون، ڪراچي ڪنگز جي عباس آفريدي 2 وڪيٽون ورتيون، ڪراچي ڪنگز جي ٽيم 246 رنز جي جواب ۾ 87 رنز تي آئوٽ ٿي وئي، ڪراچي ڪنگز جي اعظم خان 25 رنز ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، پشاور زلمي جي ناهيد رانا، افتخار، سفيان مقيم 3-3 وڪيٽون ورتيون، پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي 159 رنز تان هارائي پي ايس ايل جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي مارجن سان هارايو آهي.