| پشاور زلمي ڪوئيٽا کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي |
ڪراچي(م ڊ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 جي هڪ اهم ميچ ۾ پشاور زلمي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ پشاور زلمي 155 رنسن جو هدف 19 هين اوور ۾ صرف 2 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. زلمي طرفان ڪپتان بابر اعظم شاندار بيٽنگ ڪندي 71 رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو. ٻين رانديگرن ۾ محمد حارث 35 ۽ ڪوشل مينڊس 21 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته آرون هارڊي 18 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز طرفان سعود شڪيل ۽ الزاري جوزف هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ان کان اڳ، پشاور زلمي جي دعوت تي پهرين بيٽنگ ڪندي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي پوري ٽيم مقرر اوورن ۾ 154 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. گليڊي ايٽرز جي بيٽرن ۾ حسن نواز 37 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. رائلي روسو 26، خواجا نافع 20، ڪپتان سعود شڪيل 16، ٽام ڪرن 15، الزاري جوزف 6، جهان داد خان 6، احسن علي 4 ۽ عثمان طارق صرف 1 رن ٺاهي سگهيا. زلمي جي بالرن ۾ سفيان مقيم ۽ محمد باسط شاندار بالنگ ڪندي 3-3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته افتخار احمد هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.