پشاور: پابندي پيل شين جي اسمگلنگ ناڪام: وڏي کيپ هٿ 

پشاور: پابندي پيل شين جي اسمگلنگ ناڪام: وڏي کيپ هٿ 

 اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪسٽمز انفورسمنٽ پشاور 5 ڪروڙ رپين جي اسمگل ٿيل ۽ پابندي پيل شين جي وڏي کيپ هٿ ڪري ورتي. ڪلڪٽرٽ آف ڪسٽمز انفورسميٽ پشاور نظام پور راولپنڊي روڊ تي ڪارروائي دوران غير ملڪي ٺاهيل اسمگل ٿيل ۽ پابندي پيل شين جي 5 ڪروڙ رپين جي وڏي کيپ هٿ ڪري ورتي ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث گاڏي به ضبط ڪري ورتي. ڪيس جي مجموعي ماليت 7 ڪروڙ رپيا آهي. ڳجهي نگراني جي بنياد تي ڪوهاٽ ڪسٽمز ڊويزن جي اهلڪارن هڪ مشڪوڪ هينو ٽرڪ جو حساس علائقن مان گذرندي تعاقب ڪيو ۽ ان کي هفتي جي شام لڳ ڀڳ ساڍي چار وڳي هڪ موبائل چيڪ پوسٽ تي روڪيو. تلاشي دوران معلوم ٿيو ته گاڏي ۾ غير ملڪي، بنا ڊيوٽي ادا ٿيل سامان ڀريل هو. برآمد ٿيل سامان مختلف غير ملڪي سگريٽن جا 15,000 اسٽڪس، 2,200 ڪلوگرام سوپاريون، 1,000 پيڪٽ گٽڪو، 1,200 پيڪٽ حقي واروين شيون شامل هيون. ڊرائيور ڪا به قانوني درآمدي دستاويز پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن تي ڪسٽمز ايڪٽ 1969 تحت سامان کي فوري طور ضبط ڪيو ويو.