| پشاور ڌماڪي جي بمبارن جي سڃاڻپ، افغاني نڪتا |
پشاور (م ڊ) ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ڪندڙ دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ڪندڙ ٽئي دهشتگرد افغاني هئا. جن کان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ آيو آهي. پوليس موجب ڌماڪي سبب مرڪزي گيٽ کي نقصان نه پهتو. ڌماڪي کان فوري بعد شلوار قميص پاتل ٻن حملي آور سائيڊ گيٽ کان ايف سي هيڊ ڪوارٽرز ۾ داخل ٿيا، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي جڏهن ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير آءِ جي پختونخواهه ذوالفقار حميد کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.