| پشاور ۾ آمريڪي قونصل خانو بند ڪرڻ جو اعلان |
پشاور(م ڊ) آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان پشاور ۾ قائم پنهنجي قونصل خاني کي مرحليوار بند ڪرڻ جو باظابطا اعلان ڪيو ويو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب خيبرپختونخوا سان لاڳاپيل سمورن سفارتي معاملن جي ذميواري هاڻي اسلام آباد ۾ قائم آمريڪي سفارتخاني کي منتقل ڪئي ويندي. آمريڪي اختيارين موجب قونصل خانو بند ڪرڻ جو فيصلو سفارتي عملي جي حفاظت ۽ وسيلن جي موثر استعمال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.