پشاور( پنهنجي ڊيسڪ) پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ آپگھاتي ڌماڪو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن
ايس پي ڪينٽ پاران به ڌماڪي جي تصديق ڪئي وئي آهي ڌماڪو ايف سي جي گاڏي جي ويجهو ٿيو آهي جنهن 2 گاڏيون تباهه ٿي ويون آهن
پوليس موجب ڌماڪي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿيا آهن جن ۾ 6 اهلڪار به شامل آهن زخمين کي سي ايم ايچ منتقل ڪيو ويو آهي
پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جو ٽارگيٽ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار هئا، 2 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، واقعي جي جاچ جاري آهي