پشاور ۾ ايلون مسڪ خان يوسفزئي؟ وڊيو وائرل، صارفين دنگ رهجي ويا

مارچ 19, 2025

پشاور(م ڊ) پاڪستان ۾ ٽيسلا جي سي اي او ايلون مسڪ جي هم شڪل کي پاڪستان ۾ موج مستي ڪندي ڏٺو ويو، جنهن سان انٽرنيٽ تي هلچل مچي وئي. وائر ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪي پي جي گادي واري هنڌ پشاور جي مقامي هوٽل ۾ هڪ شخص سادگي سان پنهنجي دوستن سان کاڌي پيتي ۾ مشغول آهي، انٽرنيٽ تي ماڻهو دنگ رهجي ويا ته ايلون مسڪ پاڪستان ۾ ڇا ڪري رهيو آهي؟ ايڪس صارف گوهر زمان 18 سيڪنڊن جي ان وڊيو کي شيئر ڪندي لکيو ايلون مسڪ جي هم شڪل کي ڪي پي پاڪستان ۾ ڏسو ايلون مسڪ خان يوسفزئي. جيتوڻيڪ اصلي ايلون مسڪ پنهنجي ڪمپنين ٽيسلا، اسپيس ايڪس ۽ بورنگ ڪمپني سبب سڄي دنيا ۾ مشهور آهي پر سندس پاڪستاني هم شڪل صرف هڪ وڊيو سبب توجهه جو مرڪز بڻجي ويو آهي.

 

Leave A Comment