پشاور ۾ مسجد ٻاهران ڌماڪو، عالم مفتي منير مارجي ويو، 3 زخمي
مارچ 16, 2025
پشاور(م ڊ) پشاور جي علائقي ارمڙ ۾ مسجد ٻاهران آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ مفتي منير مارجي ويو، جڏهن ته 3 ماڻهو زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي زخمين جو اسپتال ۾ علاج جاري آهي، جن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، ڌماڪي سان مسجد جي ڀت کي جزوي نقصان رسيو، بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو عملو ڌماڪي واري هنڌان شاهديون ڪٺي ڪري رهيو آهي.