پشين ۾ زلزلي جا لوڏا ، ماڻهن ۾ خوف
جُون 17, 2025
ڪوئيٽا (پنهنجي ڊيسڪ ) بلوچستان جي علائقي پشين ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا وياآهن، زلزلي سبب ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، شهر ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو، زلزلو ماپيندڙ مرڪز مطابق زلزلي جوزور 4.4 رڪارڊ ڪيو ويوآهي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز پشين کان 21 ڪلوميٽر پري ڏکڻ ۾ هو، زلزلو ماپيندڙ مرڪز جي چوڻ مطابق ته زلزلي جي اونهائي 12 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي آهي.