| پشين ۾ چوري معاملي تان جھيڙو، فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا |
شھدادڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار) بلوچستان جي شھر پشين ۾ چوري جي معمولي ڳالهه تان ڪاڪڙ ۽ اچڪزئي ڌرين ۾ جھيڙي دوران هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ ۾ ڪاڪڙ برادري جا 5 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ عبيدالله ڪاڪڙ، بشير ڪاڪڙ، شبير ڪاڪڙ ۽ ٻيا شامل آهن، پوليس بروقت واقعي واري هنڌ نه پهتي، فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.