| پلوشا خان عليم خان خلاف شڪايت استحقاق ڪاميٽي ۾ ڏئي ڇڏي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر پلوشه خان، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي سحر ڪامران سان گڏ قومي اسيمبلي ٻاهراب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان سينيٽ جي استحقاق ڪميٽي ۾ هڪ وفاقي وزير خلاف باقاعده شڪايت جمع ڪرائي آهي. هي معاملو ڪنهن ذاتي نوعيت يا انا جي جنگ جو ناهي، پر پارليامينٽ جي اجتماعي وقار ۽ جمهوري حق جو سوال آهي.خاموش رهڻ آسان هو، پر درست نه هو. سينيٽر پلوشه خان چيو ته پارليامينٽ ۾ آواز بلند ڪرڻ بدران دليل مضبوط ڪرڻ گهرجي. سياست تماشو ناهي، پر بدقسمتي سان هن ملڪ ۾ سياست کي تماشو بڻايو پيو وڃي. اسان هن روش کي روڪينداسين. ڇاڪاڻ ته بدزباني ان ڳالهه جو ثبوت هوندي آهي ته دليل موجود ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي لڳي ٿو ته ڪاوڙ ۽ ڌمڪين سان سوال دٻجي ويندا ته اها انهن جي غلط فهمي آهي. سڀئي وزير هن ايوان کي جوابده آهن، ۽ وزيراعظم کي گهرجي ته هو اهڙن وزيرن کي سنڀالي، جن جو رويو پارلياماني قدرن جي ابتڙ آهي. سينيٽر پلوشه خان چيو ته هي ڀارت ناهي ۽ نه هتي آر ايس ايس جي حڪومت آهي. هي وفاقي وزير پاڪستان جو نتش ڪمار بڻيل آهي، جنهن ڀارت ۾ هڪ عورت جو نقاب لاٿو هو.