| پليجاڻي بعد ميرپورخاص ۾ به ريل پٽڙين جا نٽ ۽ پليٽون نڪتل، حادثن جو خطرو |
حسين بخش مري (ن پ ا) ميرپورخاص کان ڪراچي – حيدرآباد روٽ تي مختلف هنڌن تان ريلوي لائن جي پٽڙين جا نٽ ۽ پليٽون نڪتل هجڻ جو انڪشاف، نٽ بلٽ نڪتل هجڻ جي حوالي سان صحافي پاران موقف وٺڻ ريلوي عملدار صحافي مٿان ڏمرجي پيو تفصيل موجب ميرپورخاص کان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي روٽ تي هلندڙ مسافر ٽرين ۽ سياحت کاتي پاران هر هفتي ملڪ جي مختلف علائقن کا آيل سياحن لاءِ ڪراچي کان ڇور زيرو پوائنٽ تائين هلندڙ ڊيزرٽ سفاري ٽرين جي روٽ جي ريلوي لائين جون ميرپورخاص ويجهو مختلف هنڌن پٽڙين جون پليٽون ۽ مختلف هنڌن تان نٽ بلٽ نڪتل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي پليٽون ۽ نٽ نڪتل هجڻ سبب ڪو وڏو حادثو ٿيڻ جي خدشي جي حوالي سان ميرپورخاص پريس ڪلب جي صحافي عزيز خان پاران ريلوي عملدار شاهد سان فون تي رابطو ڪري پليٽون ۽ نٽ بلٽ نڪتل جو سوال پڇڻ تي عملدار صحافي مٿان ڏمرجندي چيو ته اسين روز وزٽ ڪيون ٿا اسان کي پليٽون نڪتل نظر نه آيون توکي ڏاڍي تڪليف آهي، شهر جي سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته ريلوي ٽريڪ جو مڪمل معائنو ڪرائي ريلوي لائين جون نڪتل پليٽون ۽ نٽ بلٽن کي درست ڪرايو وڃي ته جيئن ٽرين ۾ سفر روزانو ڪندڙ هزارين مسافرن جي زندگي محفوظ رهي سگهي ۽ نااھلي ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي