پليجاڻي وٽان ريلوي پٽڙين تان لوهه چوري، ٽرينن لاءِ خطرو

پليجاڻي وٽان ريلوي پٽڙين تان لوهه چوري، ٽرينن لاءِ خطرو

پليجاڻي (ن پ ا) پليجاڻي ريلوي اسٽيشن کان الھڏنو سانڌ تائين ريلوي جي پٽڙين مان قيمت سريو، نٽ بولٽ،  لوهي ڪِلا چوري ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي. ريلوي پوليس ڪٿي به  مقرر ناھي ٿيل، جنهن ڪري ريلوي ٽريڪ جي  ٻنھي پاسن جي پٽڙين جو  سريو، نٽ، اسڪرو، لوھي ڪِقلا ريلوي انتظاميا جي  ملي ڀڳت چوري ڪيا پيا وڃن، جنهن  سبب پليجاڻي اسٽيشن کان الھڏنوسانڌ تائين ٽريڪ تي ڪيڏي مھل به ڪو  وڏو حادثو پيش اچي سگھي ٿو.. جڏھن ته ريلوي انتظاميا چوريءَ واري معاملي تي ڳالھائڻ لاء به تيار ناھي.