| پليگ سان مرندڙ هزارين ماڻهن جي اجتماعي قبر دريافت |
برلن (انٽريسٽنگ نيوز) پليگ سان مرندڙ هزارين ماڻهن جي اجتماعي قبر دريافت ڪئي وئي، 1346 کان 1353 ڌاري ڦهلجندڙ بليڪ ڊيٿ نالي بيماري سان وڏا ماڻهو مئا، يورپ جي تقريبن اڌ آبادي موت جي منهن هلي وئي، جرمني ۾ قبرهٿ آئي، ارفرٽ ٻاهران وڏن وڏن کڏن ۾ 12 هزارن جي لڳ ڀڳ ماڻهو دفن ڪيا ويا. تحقيق ڪندڙن جرمني ۾ موجود هڪ ڳوٺ ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين اجتماعي قبر دريافت ڪئي آهي، جنهن ۾ پليگ (بليڪ ڊيٿ) سان مرندڙ هزارين ماڻهن بابت شاهديون سامهون آيون آهن، ان دريافت سان يورپ ۾ پليگ سان ٿيندڙ موتن بابت پوريل ماڻهن جي پهريون ڀيرو نشاندهي ڪئي وئي آهي. تحريري رڪارڊز ۾ ان ڳالهه طرف اشارو ڪيو ويو هو ته ارفرٽ شهر جي ٻاهران وڏن کڏن ۾ 12 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهن دفن ڪيا ويا هئا، پر انهن هنڌن جي نشاندهي نه ڪئي ويندي هئي. هڪ انٽر ڊسپلنري ريسرچ ٽيم تاريخي ذريعن، زميني پيمائشن ۽ اسٽيٽمينٽ ڪور جو معائنو ڪيو ته جيئن 14هين صدي جي تحريري رڪارڊز ۾ بيان ڪيل پليگ جي کڏن جهڙن قبرن جي سڃاڻپ ڪري سگهجي، ليپزگ يونيورسٽي جي جاگرافي دان مائيڪل هائن جو چوڻ هو ته مطالعي جا نتيجا ان ڳالهه جي مضبوط گواهي ڏين ٿا ته ماهر ايرفرٽ ڪرونڪلز ۾ بيان ڪيل پليگ جي اجتماعي قبرن مان هڪ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.