اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پمز سانحي جو ذميوار ڪير ؟ باهه ڪيئن لڳي؟ 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود تعين نه ٿيو، وزيراعظم پاران جوڙيل ڪميٽي پاران جاري، قومي اسيمبلي جي صحت ڪميٽي به پمز اسپتال پهتي، جڏهن ته 14 فوتي ٻارن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ڪجهه والدين احتجاج ڪندي ڊي اين اي ٽيسٽ جي گهر ڪئي، عدالتي جاچ لاءِ به درخواست داخل ڪئي وئي. تفصيل موجب پمز اسپتال سانحي ۾ فوت ٿيل 14 ٻارن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ڪجهه والدين پاران احتجاج ڪندي ٻارن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، وارثن چيو ته سڃاڻپ ڪرڻ کانسواءِ ٻارن جا لاش ڏنا ويا، جڏهن ته سانحي جي جاچ لاءِ جديشل ڪميشن جوڙڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج يا سيشن جج تي ٻڌل عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي.هوڏانهن پمز سانحي تي وزيراعظم جي جوڙيل جاچ ڪميٽي اسپتال جِي نرسري جَي عملي کان لکت ۾ بيان گهرائي ورتا، نرسري جو سي سي ٽي وي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو، 30 کان وڌيڪ ملازمن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، ذريعن موجب ڪميٽي سي سي ٽي وي جو جائزو ورتو، باهه جي ڪارڻن بابت انتظاميا جي بيان ۽ سي سي ٽي وي وڊيوز جي ڀيٽ ڪئي، پمز هيلٿ مئنيجمينٽ عملي کان پڇُاڳاڇا ڪئي وئي، ڪميٽي کي فائربرگيڊ ۽ ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي، 26 آگسٽ تي هاڻوڪي عملي جو ڊيوٽي روسٽر جمع ڪرايو ويو، ڪميٽي آڏو جوائنٽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سوڌو 4 آفيسرز لکت ۾ بيان جمع ڪرايا، ڪميٽي 48 ڪلاڪن ۾ عبوري جاچ رپورٽ وزيراعظم آڏو پيش ڪندي. رٽائرڊ وفاقي سيڪريٽري شاهد خان کي جاچ ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ميجر جنرل (ر) ڊاڪٽر خورشيد اُترا، ڊاڪٽر بيرسٽر نبيل احمد اعوان ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ڪميٽي جا ميمبر آهن. جڏهن ته قومي اسيمبلي جي صحت بابت ڪميٽي به پمز اسپتال جو دورو ڪري جائزو ورتو، ڪميٽي اسپتال جي عملي ۽ انتظاميا جي جوابن تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو، ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرز ۽ عملي کي معطل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ڪميٽي وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال کي استعيفيٰ ڏيڻ جو مشورو ڏنو. ڪميٽي چيو ته پمز اسپتال سانحي کي 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود باهه لڳڻ جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا، اهو طئه نه ٿيو ته ڪنهن جي غفلت هئي ۽ ڪير ذميوار آهي، اهو به جواب نه مليو ته باهه اي سي جي اسپارڪ ٿيڻ سبب لڳي يا ڪو ٻيو ڪارڻ هو، پمز اسپتال جي دوري بعد ڊاڪٽر مهيش ڪمار چيو ته گذريل ڏينهن اي سي مان باهه لڳڻ جو ٻڌايو ويو، اڄ خبر پئي ته اي سي ته ڪم ئي نه ڪري رهي هئي، سي سي ٽي وي مان خبر نه پئي ته باهه ڪيئن لڳي؟ بظاهر لڳي رهيو آهي ته نرسز کي ويهاري هڪ بيان ياد ڪرايو ويو، مهيش ڪمار واقعي جي پاڻ جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته نرسري 1990 جي ٺهيل آهي، ابهم ٻارن کي نئين بلاڪ جي نرسري ۾ رکڻ گهرجي، ٻئي پاسي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پمز پاران استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اسپتال انتظاميا جاچ لاءِ 4 رُڪني ڪميٽي جوڙي ورتي.