| پمز سانحي جي ايف آءِ آر بابت جسٽس آف پيس جو حڪم معطل: معاوضي جي ادائيگي لاءِ نوٽيس جاري |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پمز سانحي ۾ ٻارن جي فوتگين جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ متاثر خاندانن کي معاوضو ادا ڪرڻ بابت درخواست تي لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت پمز سانحي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ واري درخواست رد ڪرڻ بابت جسٽس آف پيس جو حڪم پڻ معطل ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پمز سانحي جي جاچ رپورٽ سميت سمورو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس خادم حسين سومرو ريمارڪس ڏنا ته هو سموريون رپورٽون طلب ڪندا ۽ سمورا ثبوت گهرائيندا. جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي سامهون آئي ته ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندو. عدالت وفاقي حڪومت، وزيراعظم آفيس، صحت واري وزارت ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو. ان کانسواءِ اسلام آباد هيلٿ ڪيئر ريگيوليٽري اٿارٽي، آڊيٽر جنرل، چيف ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر، سي ڊي اي، ڪيپيٽل ايمرجنسي سروسز، پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر، آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي پڻ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. جسٽس خادم حسين سومرو وڪيل رياض حنيف راهي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وڪيل رياض حنيف راهي موقف اختيار ڪيو ته پمز سانحي ۾ 14 ٻار هڪ ئي وقت سڙي فوت ٿيا، جڏهن ته هڪ ٻار بعد ۾ فوت ٿي ويو. جهنگ ۾ جانورن جي ٻچن سان به اهڙو سلوڪ ناهي ٿيندو، جنهن تي جسٽس خادم حسين سومرو کيس چيو ته وڪيل صاحب سڌو پنهنجي ڪيس جي ڳالهه ڪريو. رياض حنيف راهي عدالت کي ٻڌايو ته پمز سانحي ۾ ٻارن جي فوتگين جو ڪيس اڄ تائين داخل ناهي ٿيو. جسٽس آف پيس هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون ٻڌڻي هيٺ هجڻ جي بنياد تي ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي شخص ٿاڻي تي درخواست نه ڏني، ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي ها. ايترا ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن، پر جيڪڏهن ايف آءِ آر ئي داخل نه ٿي ته اهي ثبوت ڪيڏانهن کڻي ويندو. جسٽس خادم حسين سومرو ٻيهر چيو ته هو سموريون رپورٽون ۽ ثبوت طلب ڪندو. جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي سامهون آئي ته ذميوارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 12 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.