پمز لاءِ انجنيئر ۽ ٽيڪنيڪل عملو ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

پمز لاءِ انجنيئر ۽ ٽيڪنيڪل عملو ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پمز اسپتال ۾ انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنيڪل عملي جي کوٽ فوري طور ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري صحت، پمز اسپتال جي انتظاميا ۽ سي ڊي اي جي لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. پمز اسپتال جي مدر اينڊ چائلڊ هيلٿ سينٽر ۾ باهه لڳڻ واري واقعي کانپوءِ ايچ وي اي سي نظام جي بحالي ۽ ٽيڪنيڪل معاملن جو ٻيهر جائزو ورتو ويو. سي ڊي اي آفيسرن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته باهه لڳڻ سبب متاثر عمارت ۾ ايچ وي اي سي سان لاڳاپيل ڪم ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي آهي. واقعي جي جاچ سبب عمارت عارضي طور بند آهي. وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال سيڪريٽري صحت کي لاڳاپيل اختيارين سان فوري رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته متاثر عمارت کي ٻيهر ڪم لاءِ حوالي ڪرڻ جي ٽائيم لائن مقرر ڪئي وڃي، جيئن مدر اينڊ چائلڊ هيلٿ سينٽر جي نظام جي بحالي وارو ڪم بنا دير ٻيهر شروع ڪري سگهجي. پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي خاتمي کانپوءِ سرپلس پول ۾ موجود مناسب انجنيئرن ۽ ٽيڪنيڪل ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. مصطفيٰ ڪمال چيو ته مناسب انجنيئرن ۽ ٽيڪنيڪل عملي جي پمز ۾ مقرري لاءِ وزارت هائوسنگ اينڊ ورڪس کي خط لکيو پيو وڃي.