پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان سمارٽ لاڪ ڊائون لاءِ راضي: بازارون اڄ کان رات 8 وڳي بند: فارميسيز ۽ ميڊيڪل اسٽورز آجا

پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان سمارٽ لاڪ ڊائون لاءِ راضي: بازارون اڄ کان رات 8 وڳي بند: فارميسيز ۽ ميڊيڪل اسٽورز آجا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان سمارٽ لاڪ ڊائون لاءِ راضي ٿي ويا، بازارون اڄ کان رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،  فارميسيز ۽ ميڊيڪل اسٽورز آجا هوندا. تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ تيل ۽ توانائي جي بچت لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته سمارٽ لاڪ ڊائون لاءِ تجويزن تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ٽن صوبن  پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان سمارٽ لاڪ ڊائون تي راضپو ظاهر ڪيو جڏهن ته سنڌ مشاورت لاءِ مهلت گهري ورتي، جنهن بعد ٽن صوبن سميت  اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به بازارون ۽ شاپنگ مالز رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڪي پي جي ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ بازارون ۽ شاپنگ مالز رات 9 وڳي تائين کولڻ جي اجازت ڏني وئي، بيڪريون، ريسٽورنٽس، تندور ۽ کاڄرو شين جا دڪان رات 10 وڳي بند ڪيا ويندا، شادي هالز، مارڪيز ۽ شادي تقريبن لاءِ مخصوص ڪمرشل جايون رات 10 وڳي بند ڪيون وينديون، گهرن ۾ رات 10 وڳي کانپوءِ شادي تقريبن تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويو. ، ميڊيڪل اسٽورز ۽ فارميسيز کي ڇوٽ ڏني وئي، وزيراعظم هائوس جي پڌرائي موجب اجلاس ۾ ڪيل فيصلا 7 اپريل کان لاڳو هوندا، وزيراعظم شهباز شريف سڀني صوبن جي وڏن وزيرن جو قومي اهم فيصلن تي اتفاق ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت سان مشاورت جاري آهي ۽ اميد آهي ته جلد شامل ٿي ويندي. گلگت شهر ۽ مظفرآباد ۾ انٽرا سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ هڪ مهيني لاءِ مفت هوندي، خرچ وفاق برداشت ڪندو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وزير احد خان چيما ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.