پنجاب جو ظلم وڌي ويو آهي، پ پ جو وقت پورو ٿي ويو، عمران جي جهدوجد کي سرخ سلام: ذوالفقار جونيئر

اپريل 27, 2025

دادو ( رپورٽر ) دادو مورو پل تي پ پ شهيد ڀٽو پاران سنڌو درياءَ مان نوان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف جلسو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ وڏي انگ پي پي شهيد ڀٽو ، جسقم بشير خان قريشي گروپ ، ايس يو پي ، جي يو آء ، ايس ٽي پي ، تحريڪ انصاف سميت اديبن ، صحافين وڪيلن ، هارين شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.  دادو مورو پل جي 3 ڪلو ميٽر تائين عوام جو هجوم  هزارين ماڻهن جي زبانن تي هڪ نعرو سنڌ کپائيندي پادر کائيندي ، سنڌو تي ڌاڙو نامنظور ، ڪئنال سمورا نامنظور جا اۡڀ ڏياريندڙ نعرن سان گونجي اٿيو، جلسي کي پ پ شهيد ڀٽو جي قائد جونيئر ذوالفقار ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته سنڌي قوم پاڻ هڪ فوج آهي سنڌين کي ڪير به جهڪائي نه ٿو سگهي، سنڌو درياءَ مان هڪ ڦڙو به پاڻي جو کڻڻ نه ڏينداسين، پنجاب جو ظلم وڌي ويو آهي ، پنجاب ۽ ڀارت پاران پاڻي بند ڪرڻ جي مذمت ڪيا ٿو . پيپلز پارٽي زرداري ليگ آهي ، جنهن جو وقت پورو ٿي ويو آهي ۽ ان جي جڳھ هي عوام وٺندي، مان ايس يو پي ، ايس ٽي پي ، جسقم ، جي يو آء  پورهيت، هارين ۽ شاگردن جو آهيان عمران خان اسان جو ۽ اسان عمران خان جا آهيون عمران جي جهدوجد کي سرخ سلام پيش ڪيا ٿو ، درياءَ اسان جو آهي ۽ اسان جو رهندو ، مون ڪالھ فاطمه ڀٽو سان ڳالهايو آهي ته توهان بنا آء سياست نه ٿو ڪري سگهان جنهن تي فاطمه ڀٽو منهنجو ۽ سنڌ جي عوام جو ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي ، بس اسان کي پيار ۽ محبت سان پنهنجي منزل طرف هلڻو آهي ، سنڌ خلاف هر اهو منصوبو رد ڪنداسين جو سنڌ ۽ ان جي عوام خلاف هوندو ، 2 ڏينهن پهريان ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪئنالن معاملي تي متفق راء لاء سي سي آء جي ميٽنگ سڏائي آهي ، جنهن ۾ نوان ڪئنال خلاف فيصلو ڪيو ويندو ، ڇا جي سي سي آء سنڌ جو عوام ان سي سي آء ۽ ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي پريس ڪانفرنس کي رد ڪري ٿي، سنڌ جو عوام باشعور آهي جيڪو هاڻ ميدان ۾ آهي ڪنهن کي به سنڌو درياءَ مٿان حملو ڪرڻ نه ڏينداسين ، درياءَ ۽ سمنڊ جي ميلاپ کي بند نه ڪيو وڃي ان ميلاپ کي روڪيو ويو ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ۾ هلي ويندي. جلسي کي عنايت عمراڻي ، شاهنواز بلوچ ، اميد خان جتوئي، علي رضا پليپوٽو ، زين گهلو ، صمد عباسي ، علي محمد سومرو ، عاشق زئور ، نثار وسطڙو ، فقير رسول بخش مڱڻيجو ، پروين چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو .

Leave A Comment