پنجاب جو ڏاڍ: خريف دوران پاڻي کوٽ باوجود تڪراري ٽي پي لنڪ کولي 66هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻي ورتو

مَي 21, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هلندڙ خريف سيز دوران سخت پاڻي جي کوٽ هجڻ باوجود پنجاب صوبي جي آبپاشي کاتي تڪراري ٽي پي لنڪ ڪينال کي 29 اپريل کان کولي 20 مئي تائين 22 ڏينهن اندر 66229 ڪيوسڪ پاڻي کڻي ورتو آهي

 تفصيل موجب  پهرين اپريل  کان شروع ٿيل خريف سيزن جي هڪ مهينو 20 ڏينهن دوران ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم لاءِ هڪ ڦڙو پاڻي به فراهم نه ٿي سگهيو

عالمي پاڻي ماهرن پاران ڊائون اسٽريم کي چئن صوبن سان گڏ پنجون حصيدار قرار ڏنو هو ۽ ڊيلٽا کي 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهمي جي سفارشڪئي هئي، پر ان باوجود هلندڙ خريف سيزن جي مڪمل ٿيل هڪ مهيني ۽ 20 ڏينهن دوران ڊائون اسٽريم لاءِ هڪ ڦڙو پاڻي به نه ڇڏيو ويو آهي

جڏهن ته خريف سيزن دوران پاڻي جي شديد کوٽ هجڻ باوجود پنجاب جي آبپاشي کاتي تڪراري ٽي پي لنڪ ڪينال کي کولي 29 اپريل کان 20 مئي تائين مسلسل پاڻي کڻت جو سلسلو جاري رکيو آهي

پنجاب جي آبپاشي کاتي ٽي پي لنڪ ڪينال ذريعي 20مئي تائين مجموعي طور تي 66 هزار 229 ڪيوسڪ پاڻي کڻي ورتو آهي، جنهن ۾ 29 ۽ 30 اپريل تي مجموعي طور تي 1528 ڪيوسڪ جڏهن ته پهرين مئي کان 20 مئي تائين 64 هزار 501 ڪيوسڪ پاڻي کنيو ويو آهي.

Leave A Comment