پنجاب جي ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن جاري، وڌيڪ هڪ ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ

مَي 31, 2023

رائونتي (رپورٽر) پنجاب جي ڪچي ۾ پوليس جو ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري، لٺاڻي گينگ جو هڪ ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس موجب ڪچي ۾ آپريشن دوران هن وقت تائين 5ڌاڙيل مارجي چڪا ۽ 28 گرفتار ڪيا ويا آهن

رحيم يار خان پوليس جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته ڪچي ۾ آپريشن دوران ڌاڙيلن سان مقابلو ٿي پيو جنهن دوران هڪ ڌاڙيل علي نواز لٺاڻي مارجي ويو آهي

ڊي پي او رضوان عمر گوندل جو چوڻ آهي ته ڪچي ۾ آپريشن دوران هن وقت تائين 5ڌاڙيل مارجي چڪا ۽ 28 گرفتار ڪيا ويا آهن

ڪچي ۾ آپريشن دوران مارجي ويل ڌاڙيل ڪچي ۾ آپريشن دوران اي پي سيز تي حملي ۾ ملوث هو

لاڳاپيل پوسٽون

  • ميرپورخاص نوجوان فوت، تشدد جي تصديق

  • نينگري سان ڏاڍائي ڪوشش، جوابدار گرفتار

  • حيدرآباد : سنڌوءَ ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي ويو

  • راجا رزاق جو شعر، ايوان ۾ ٽهڪڙا، متحده ناراض