پنجاب حڪومت جو الٽيميٽم ختم: دهشتگرد حوالي نه ٿيا: زمان پارڪ ٻاهران هاءِ الرٽ
مَي 18, 2023
لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب حڪومت جو پي ٽي ٽي آءِ قيادت کي ڏنل اليٽيميٽم ختم ٿي ويو، گهربل 40-50 دهشتگرد حوالي نه ٿيا، زمان پارڪ ٻاهران پوليس جا وڏا اٽالا پهچڻ شروع ٿي ويا آهن
تفصيل موجب پنجاب حڪومت پاران تحريڪ انصاف جي قيادت کي ڪالهه 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو هو ته زمان پارڪ ۾ 40 کان 50 دهشتگرد موجود آهن جيڪي 9 مئي وارن وڳوڙن ۾ ملوث آهن انهن جي آخري لوڪيشن زمان پارڪ ڏانهن ڏٺي وئي هئي.
هي به پڙهندا : ڪراچي وڳوڙ ۾ پي ٽي آءِ جا چونڊيل نمائندا ۽ اڳواڻ به ملوث هئا: شرجيل ميمڻ ثبوت سامهون آڻي ڇڏيا
پي ٽي آءِ قيادت پاران اڄ منجهند 12 وڳي تائين مليل الٽيميٽم ختم ٿيڻ باوجود ڪوبه گهربل دهشتگرد پنجاب پوليس حوالي نه ڪيو جنهن بعد پوليس جا وڏا اٽالا زمان پارڪ ٻاهران پهچڻ شروع ٿي ويا آهن
ذريعن جو چوڻ آهي ته زمان پارڪ ۾ وڏو آپريشن شروع ڪيو ويندو.