پنجاب حڪومت طرفان انفليٽ ايبل “رٻڙ ڊيم” ٺاھڻ جو فيصلو … ممتاز بخاري

                 پنجاب حڪومت مسلسل زراعت جي شعبي تي ڌيان ڏيئي رهي آهي، ان ڪري ان جو فوڪس پاڻي ذخيرن يا آبپاشي نظام تي گهڻو رهي ٿو ۽ ڪوشش ڪندي نظر اچن ٿا ته نئين ٽيڪنالاجي مان به مدد حاصل ڪجي. جيئن ويجهي ماضيءَ ۾ انهن ڊرپ ٽيڪنالاجي مان مدد ورتي ۽ جر جي پاڻي کي ڪتب آڻڻ واري نظام کي ڦهلايو. پنجاب جي وڏي وزيرياڻي مريم نواز جي صدارت ۾ پنجاب سرڪار هڪ نئون فيصلو ڪيو آهي ۽ اهو آهي انفليٽ ايبل ڊيم ٽيڪنالاجي (Inflatable Dam Technology)  آڻڻ. ان حوالي سان اهي پنجاب ۾ 17 ڊيم ٺاهڻ ٿا چاهين. جيتوڻيڪ اها صفا جديد ٽيڪنالاجي ته نه چئبي پر دنيا ۾ نئين ٽيڪنالاجين ۾ شامل آهي. هي ڊيم 1950ع واري ڏهاڪي کان جاپان ۾ ٺهڻ شروع ٿيا هئا. انفليٽ ايبل ڊيم (Inflatable Dam)  رٻڙ يا اهڙي طرح جي هٿرادو مواد سان ٺهيل هڪ لچڪدار بند هوندو آهي، درياهه تي ٺهيل بيراجن سامهون يا ڪن وڏن واهن جي تري تي لڳايو ويندو آهي ۽ ان ۾ پاڻي ڀرجي ويندو آهي، يعني پاڻي ان ۾ ذخيرو ٿيندو آهي ۽ ان کي کنيو ويندو آهي. اهو طريقو  وچولي ٻوڏون روڪڻ لاءِ  به ڪم ايندو آهي. پاڻي تمام گهڻو وڌي وڃي ته ان کي هڪدم خالي ڪيو ويندو آهي، ڇو ته ان ۾ لٽ به ڀرجي سگهجي، اهڙي صورت ۾ اهو ترو وٺي ويندو آهي. ايئن چئجي ته ضابطي هيٺ رهندڙ رٻڙ جو ڊيم هوندو آهي. ان سان هيٺ ويندڙ پاڻيءَ جا وهڪرا به بند ڪري سگهجن ٿا يا گهٽائي سگهجن ٿا. ان ڊيمن تي خرچ عام ڊيمن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ايندو آهي ۽ اڏاوت ۾ به وقت گهٽ لڳندو آهي. دنيا ۾ هي ڊيم آمريڪا، چين، جاپان، ڏکڻ ڪوريا، يورپ وغيره آهن. سڀ کان گهڻا رٻڙ ڊيم چين ۾ آهن، جيڪي آبپاشي ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪتب اچن ٿا. جاپان کانپوءِ چين ان ٽيڪنالاجي مان سڀ کان گهڻو لاڀ حاصل ڪيو آهي، جنهن دريائن ۽ وڏن واهن تي اهڙا سوين ڊيم ٺاهيا آهن. چين ته ييلو رور جهڙي مها دريا توڙي ان جي ڀرتو دريائن تي به هي ڊيم ٺاهيا آهن.

سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان ۾ اهي ممڪن آهن؟ ڇو ته اسان وٽ سڀني دريائن م تمام گهڻي لٽ هوندي آهي. پاڪستان ۾ تمام ننڍن وهڪرن تي ته ممڪن آهن، سنڌو يا جهلم ۽ چناب جهڙن دريائن تي ممڪن نظر نه ٿا اچن. سنڌو طاس هماليا، قراقرم ۽ هندو ڪش جبلن جي عظيم سلسلن ۾ ڦهليل آهي، ان ڪري لٽ ۾ سنها پٿر به آهن، جيڪي انهيء قسمن جي ڊيمن جي زندگي گهٽائي ڇڏيندا. سنڌو مٿانهين کان هيٺ تيزي سان اچي ٿو. ٻي ڳالهه اها ته جيڪڏهن ڀرتو ندين تي به ٺهندا ته سنڌوءَ جي وهڪرن تي به اثر پوندو. پنجاب جا اهي 17 ڊيم ڪيترو پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ ٺهن پيا، اندازو ان بعد ٿيندو. هن وقت اهي بلوچستان ۾ ڪنهن حد تائين فائديمند ٿي سگهن ٿا يا وري سنڌ ۾ آبپاشي چينلن تي. يا وري شهري ٻوڏ ضابطي لاءِ به  بهتر آهن، جيئن ڪراچي جي ملير يا حب ندي لاءِ. سنڌو دريا جي وڏي وهڪرن جي شايد ئي هي ڊيم دٻاءَ جهلي سگهي.

چين اهڙو ملڪ آهي، جتي اهڙا رٻڙ جا ڊيم گهڻا آهن، جتي واٽر انجنيئرنگ به ڪمال جي آهي. ان ڪري انهن لٽ ڪڍڻ جا به سٺا طريقا ڪتب آندا آهن، ٻيو ته سڀ کان اهم اهڙن ڊيمن جي ريگيوليشن واري انجنيئرنگ به آهي، جيڪا اسان وٽ ناهي. اسان وٽ ته بيراجن ۽ ڊيمن جي لٽ ڪڍڻ جي اها وڏي صلاحيت ئي ناهي. هن ملڪ جي درياهن ۾ لٽ جو مقدار ايترو گهڻو آهي جو انفليٽ ايبل ڊيم ايترو ڪارآمد نه ٿا رهي سگهن.

جاپان جي ٽوڪيو ڀرسان ڪانڊا دريا تي اهڙي ڊيم کي ٻوڏ روڪڻ ۾ ڪارآمد بڻايو ويو آهي، پر اهو دريا ايترو وڏو ناهي. ايئن جاپان پاران اوساڪا شهر ۾ يوڊو دريا تان اهڙي ڊيم مان آبپاشي جو سٺو فائدو ورتو ويو آهي پر ان دريا ۾ اهڙي لٽ ناهي، جيڪا سنڌو ۽ ان جي ڀرتو دريائن جي آهي. آمريڪا جي لاس اينجلس نديءَ تي اهڙو ڊيم وري پاڻي جي سطح وڌائڻ يا وري هڪ سياحتي ڍنڍ قائم ڪرڻ لاءِ به ٺاهيو ويو آهي.

هن وقت دنيا جا وڏا انفليٽ ايبل ڊيمز ڏسنداسون ته انهن ۾ چين جي بيشا دريا تي ڪندگڊائو شهر ڀرسان 700 ميٽرن تي ٺهيل آهي، جيڪو ڇهن فوٽن کان اوچو آهي. ان جي ويب سائٽ موجب ان جو مقصد شهري پاڻي جي سطح برقرار رکڻ، ٻوڏ کي روڪڻ ۽ هڪ ڍنڍ طور سياحتي ماڳ هجڻ آهي.

سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا اسان سان لاڳو ٿئي ٿي ته اهڙا ڊيم پاڻي ڪيترو ٿا رکن. پنجاب حڪومت 17 انفليٽ ايبل ڊيمن جي جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، ان بابت تيستائين حتمي نتيجو سامهون نه ايندو، جيستائين ان جا ٽيڪنيڪل پاسا سامهون نه ٿا اچن پر هن وقت تائين اهڙن ڊيمن ۾ پاڻي ملين ايڪڙن فوٽن جو ته ذخيرو ناهي ڪيو ويندو. هڪ کان ٽي چار ايڪڙ فوٽن تائين ذخيرو ٿيندو آهي. مثال طور: پاڻ حب ڊيم کي ڏسون ته ان جي لائيو اسٽوريج پنج کان ست لک ايڪڙ فوٽ ٿيندي. جڏهن ته انفلنٽ ايبل ڊيم جي اها صلاحيت هن وقت تائين جي ڊيمن موجب هڪ کان ٻه لک ايڪڙ فوٽ تائين پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي هوندي آهي. پنجاب حڪومت ڪيترا وڏا ڊيم ٺاهي ٿي، اهو اندازو پوءِ ٿيندو. پر اها حقيقت آهي ته پاڻي ذخيرا ڪٿي به ٺهن، دريائي وهڪرن تي لازمي اثر پوندو. هي ڊيم بيراجن وٽ سطح وڌائيندا ته وهڪرن تي لازمي اثر ايندو. ڇو ته سنڌوءَ جا ڀرتو دريا ٻوڏ مند کانسواءِ اڪثر خالي رهن ٿا ۽ هن طرح جا ڊيم اڃان رڪاوٽ آڻيندا. اهو به ضروري آهي ته اڻڌريو اڀياس ٿيڻ گهرجي. پنجاب اڳ ئي دريائي توڙي جر جو پاڻي سڀ کان گهڻو ڪتب آڻي ٿو. امڪان اهو آهي ته اهي ننڍا ڊيم، جهلم، چناب راوي ۽ ستلج دريائن يا انهن جي چينلن وارن علائقن ۾ ٺاهيا ويندا. وڌيڪ اسڪيمن جي سامهون اچڻ بعد ئي ماهر جائزو وٺي اندازو لڳائي سگهن ٿا. هونئن 2017ع ۾ پنجاب حڪومت ستلج ۽ راوي تي انفليٽ ايبل ڊيمن بابت نيسپاڪ وسيلي سروي ڪرائي هئي ۽ انهن ٻنهي دريائن تي چار چار هنڌ تجويز ڪيا هئا. بهاولپور لڳ هڪ اهڙي ڊيم جي فزيبلٽي به ٺاهي وئي هئي.

هن وقت سنڌ حڪومت کي انهن اسڪيمن جا مڪمل تفصيل حاصل ڪرڻ گهرجن ۽ سنڌوءَ جي وهڪري تي ان جي اثرن کي لازمي ڏٺو وڃي، ڇو ته اهي دريا سنڌوءَ جي وهڪري جي جان آهن.