| پنجاب حڪومت فلمن ٺاهڻ لاءِ فنڊگهرندڙ فلمسازن لاءِ ڏکيا شرط رکي ڇڏيا |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پنجاب حڪومت فلمون ٺاهڻ لاءِ فنڊگهرندڙ فلمسازن لاءِ نوان شرط لاڳو ڪري ڇڏيا. ذريعن موجب صوبائي حڪومت فلم فنڊ لاءِ درخواست ڏيندڙن لاءِ رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ ۽ فلم جي ٽيم جا تفصيل جمع ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو آهي، درخواست سان ڊائريڪٽر، اڪائونٽس آفيسر، آرٽ ڊائريڪٽر، ڪيميرامين، سائونڊ رڪارڊسٽ ۽ ايڊيٽر بابت مڪمل معلومات شامل هجڻ گهرجي.