پنجاب حڪومت پاران دهشتگردن جي سهولتڪاري تي جج خلاف ريفرنس موڪلڻ جو فيصلو

مَي 19, 2023

لاهور)مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي نگران حڪومت دهشتگردن کي غيرمعمولي سهولتڪاري پهچائڻ تي هڪ جج خلاف ريفرنس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي

 نگران وزيراعليٰ پنجاب محسن نقوي جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ 9 مئي واقعن ۾ ملوث شرپسندن خلاف قانوني ڪارروائي تي ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي نشاندهي ڪندڙن لاءِ روڪ انعام ڏيڻ جي منظوري به ڏني وئي

 اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته دهشتگردن کي غيرمعمولي سهولتڪاري پهچائڻ تي هڪ جج خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويندو، نامزد جوابدارن کي غيرقانوني ۽ غير آئيني سهولتڪاري جو فيصلو به چيلنج ڪيو ويندو

 اجلاس ۾ چيو ويو ته نامزد جوابدارن کي سهولتڪاري انصاف جي قتل برابر آهي، واقعن ۾ ملوث جوابدارن سان رعايت نه ٿيندي، گرفتاري يقيني بڻائي ويندي

Leave A Comment