پنجاب واسي نوجوان کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ
جُولاءِ 3, 2025
گهوٽڪي ( پنهنجي ڊيسڪ ) گهوٽڪي پوليس پاران پنجاب واسي نوجوان کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب پنجاب جي علائقي لوڌران واسي محمد يوسف ڀٽي کي ڪچي طرف وڃڻ کان روڪي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو آهي، پوليس جي چوڻ موجب نوجوان ٻڌايو ته هن جو موبائلن تي هڪ عورت سان رابطو ٿيو هو، جنهن کي نوڪري ڏيڻ لاءِ کيس گهرايو هو.