پنجاب واسي 3 پورهيتن جي آزادي لاءِ هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب

جُولاءِ 23, 2023

ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ۾ 10 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل 3 پورهيتن جي وارثن احتجاج ڪيو آهي

 ڪشمور جي گَتا فيڪٽري مان 10 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پنجاب واسي 3 پورهيت بازياب نه ٿيا، وارثن طرفان احتجاج ڪيو ويو

مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته اصغر ڀٽي، وقاص ڀٽي ۽ احمد مهر جي آزادي لاءِ ڌاڙيلن هڪ ڪروڙ رپيا ڀُنگ گهري رهيا آهن

وارثن جو چوڻ هو ته پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا، سندن حياتي کي خطرو آهي، ٻچڙن کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي

Leave A Comment