پنجاب پاران فلمي صنعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فلم اٿارٽي ٺاهڻ جو فيصلو

پنجاب پاران فلمي صنعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فلم اٿارٽي ٺاهڻ جو فيصلو

لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پنجاب سرڪار فلمي صنعت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ پنجاب فلم ڊولپمينٽ اٿارٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ پنجاب فلم ڊولپمينٽ اٿارٽي بل پنجاب اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. ذريعن موجب فلمسازي، ڊراما ۽ دستاويزي فلمون پنجاب فلم ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران اسپانسر ڪيون وينديون،  نئين فلم لاءِ پاليسي، قاعدا ۽ ضابطا ۽ جامع لائسنسنگ سسٽم متعارف ڪرايو ويندو، جڏهن ته فلمسازن کي سهولتون، پرمٽ ۽ ون ونڊو آپريشن فراهم ڪيا ويندا. بل ۾ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ خاص ترغيبون فراهم ڪرڻ، فلم اسٽوڊيوز، فلم سٽي ۽ پوسٽ پروڊڪشن سهولتن جي قيام لاءِ رستو هموار ڪرڻ جون شقون شامل آهن، ان کانسواءِ نئين ٽيلنٽ جي تربيت لاءِ تربيتي پروگرام شروع ڪيا ويندا، جڏهن ته فلم انڊسٽري لاءِ فنڊنگ، گرانٽس ۽ سبسڊيز جو نظام پڻ متعارف ڪرايو ويندو. انهي بل تحت فلمن ذريعي پنجاب جي ثقافت، سياحت ۽ مثبت تصوير کي اجاگر ڪيو ويندو، بل کي ٻن مهينن لاءِ لاڳاپيل ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو آهي، جيڪا مقرر ڪيل مدت اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. ڪميٽي جي منظوري کان پوءِ، بل کي پنجاب اسيمبلي منظور ڪندي، جڏهن ته آخري منظوري پنجاب جي گورنر ڏيندي.