پنجاب پاران ڀڙڀانگ ڇوٽا چولستان آباد ڪرڻ لاءِ ڪاغذي ڪارروائي مڪمل: 4 ڪئنالن لاءِ 75 ارب رکيا ويا

فيبروري 3, 2024

سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کانپوءِ پنجاب جي آبپاشي کاتي به پرڳڻي جي ڀڙڀانگ ريگستاني علائقي کي آباد ڪرڻ واري “ڇوٽا چولستان” رٿا جي ڪاغذي ڪاروائي مڪمل ڪري ورتي آهي. رٿا جي ابتدائي فزيبلٽي رپورٽ جو خاڪو پنجاب حڪومت کي پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 1977ع کان 2022ع تائين ڪوٽڙيءَ ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ ٿيل پاڻيءَ جي بنياد تي پاڻي جي موجودگي ڄاڻائي 1991ع واري ٺاهه تحت “سمالر چولستان/ڇوٽا چولستان” لاءِ پاڻي جو حصو گهريو ويو آهي.  انهي آڌار ئي پنجاب جي آپباشي کاتي ارسا کان پهرين مرحلي ۾ چولستان جي 6 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ  پاڻي فراهميءَ جو سرٽيفڪيٽ گهريو هو، پنهنجي اخبار وٽ موجود دستاويزن موجب چولستان جي مجموعي ايراضي 66 لک 55360 ايڪڙ ڄاڻائي وئي آهي، گريٽر چولستان جي ايراضي 46 لک 58760 ڄاڻائي وئي آهي. پهرين مرحلي ۾ 1996000 ايڪڙن تي ٻڌل سمالر چولستان کي آباد ڪويو ويندو.  رٿا ۾ علائقي جي انساني آبادي رڳو 26 هزار ۽ چوپايو مال ٻارنهن لک ڄاڻايل آهي. سمالر چولستان جي ايراضيءَ کي آباد ڪرڻ لاءِ 75 ارب جي لاڳت سان 4 نوان فلڊ ڪئنال فتح ڪئنال، مراد ڪئنال، هاڪڙا ڪينال ۽ هرڻ ڪئنال ٺاهيا ويندا، ساڳئي وقت ٽن اڳ وارن ڪئنالن جي صلاحيت (پاڻي کڻت) کي به وڌايو ويندو، انهي رٿا لاءِ پنجاب جي آبپاشي کاتي پاران ابتدائي رقم به  رکي وئي آهي. ذريعن موجب پنجاب آبپاشي کاتي گريٽر ۽ سمالر چولستان رٿا بابت پهريون فزيبلٽي اڀياس 2015 کان 2018ع ۾ مڪمل ڪرائي ڇهين آڪٽوبر 2023ع تي پلاننگ ڊويزن کي موڪليو هو. نگران حڪومت 10 ڏينهن اندر پي ڊبليو پي جي گڏجاڻي گهرائي اها پي سي ٽو منظور ڪندي  انهي لاءِ 21 ڪروڙ 21 لک رپين جي منظوري ڏني،  27 آڪٽوبر تي منٽس به جاري ڪيا ويا، جنهن جي انتظامي منظوري چوٿين ڊسمبر 2024ع تي ڏني وئي. ساڳئي مهيني ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو،31 جنوريءَ تي ڪنسلٽنٽ پاران فزيبلٽي اسٽڊيءَ جي پهرين رپورٽ پنجاب حڪومت کي ڏني وئي. ڇوٽا چولستان رٿا لاءِ پاڻي جي فراهمي لاءِ 91ع ٺاهه جي پيرا 14 ڊي جو حوالو ڏنو ويو آهي ته پنجاب ٻوڏ واري ڏينهن دوران پنهنجي 37 سيڪڙو واري حصي جو پاڻي کڻندو،  پاڻي ٺاهه تحت پنجاب توڙي ٻيا صوبا آبپاشي جون رٿائون آڻي سگهن ٿا. پنجاب جي آبپاشي کاتي پاران اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته اهو گريٽر ٿل ڪئنال جي اڏاوت مڪمل ڪرائيندو، جڏهن ته  موجوده ٿل ڪئنال جي به ريماڊلنگ ٿيندي. جلالپور ڪئنال به ڪڍيو ويندو ۽ چولستان ڊولپمنٽ رٿا به مڪمل ٿيندي. ياد رهي ته چولستان ڊولپمنٽ رٿا ۾ 2 سمال ڊيم ۽ 3 بيراج شامل آهن، جن کي ڀاشا ڊيم جي ڪمانڊ ايريا سان ڳنڍيو ويو آهي،اها الڳ رٿا آهي جنهن کي ڊولپمينٽ ان گريٽر چولستان چيو ويو آهي.

ڇوٽا چولستان جي حتمي فزيبلٽي رپورٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ پهرين فيبروريءِ 2025ع جي تاريخ مقرر

سکر: پنجاب حڪومت گذريل ڪجهه مهينن اندر ڇوٽا چولستان جي پي سي ٽو، انتظامي منظوري، سي ايس سي جي منظوري، ٽيڪنڪل ۽ فنانشل پروپوزل جمع ڪرائڻ وغيره جهڙا ڪم انتهائي تيزي سان اڪلائي ورتا آهن، پنجاب پاران حتمي فزيبلٽي رپورٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ پهرين فيبروريءِ 2025ع جي تاريخ به ڏئي ڇڏي آهي.

پنجاب پاران ڇوٽا چولستان لاءِ 0.448 ايم اي ايف پاڻي طلب: سمورو چولستان آباد ڪرڻ بعد به 1.36 ايم اي ايف پاڻي بچندو: پنجاب

سکر: پنجاب جي آبپاشي کاتي پاران چيو ويو آهي ته چولستان جي رٿائن کي آباد ڪرڻ کانپوءِ به 91ع ٺاهه هيٺ سندن حصي جو 1.36 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي بچندو، جنهن لاءِ وري الڳ سان رٿائون جوڙيون وينديون. پنجاب پاران ارسا کان سمالر چولستان لاءِ فوري طور 0.448 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گهريو ويو آهي.

Leave A Comment