ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ امجد شيخ چيو آهي ته پنجاب پوليس جي دعوا ڪوڙي آهي ڌاڙيل اسان ماريا آهن
ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي امجد شيخ چيو ته مارجي ويل ڌاڙيل گهوٽڪي ۾ ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز سميت 5 پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث هئا
سندس چوڻ هو ته مارجي ويل ڌاڙيلن مان 5 ڄڻن جانو انڍڙ، سومر شر، نظرو شر، شهزادو دشتي ۽ مشيرو انڍڙ جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، مارجي ويل 3 ڌاڙيلن جي اڃا سڃاڻپ نه ٿي آهي
ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ امجد شيخ چيو ته ڌاڙيلن کي مارڻ واري پنجاب پوليس جي دعويٰ غلط آهي، مارجي ويل 8 ڌاڙيلن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل آهن، ڌاڙيلن سان مقابلو اڃا جاري آهي