پنجاب پوليس ڀائرن ۽ سئوٽ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا: نورالصباح

جُولاءِ 3, 2025

خيرپور (پنهنجي ڊيسڪ) پنجاب پوليس جي تعصب پرستي ۽ زيادتين خلاف عورت سماجي اڳواڻ نورالصباح راجپوت جو پنهنجي ڀاءُ افضل علي ۽ سئوٽ محمد نواز سان گڏ پريس ڪلب خيرپور ۾ احتجاج

ان موقعي تي نورالصباح ٻڌايو ته اسان بهاولپور نور محل گهمڻ وياسين جتي رستي ۾ بهاولپور شهر جي لائبريري چوڪ مين روڊ تي بيٺل ٽريفڪ پوليس عملدارن اي ايس آءِ رشيد ۽ محمد اشفاق عملي سان گڏجي اسان جي  ڪلٽس ڪار کي روڪيو ۽ اسان کان ڪار جي ڪارن شيشن، سنڌي نمبر پليٽ، ڊرائيونگ لائسنس بابت پڇا ڳاڇا ڪئي

ھن ٻڌايو ته عملدارن مختلف سبب ۽ بهانا ڄاڻائي اسان کان رشوت طلب ڪئي، ڪاغذ پورا هجڻ، لائسنس موجود هجڻ، بليڪ شيشا نه هجڻ باوجود بهاولپور ٽريفڪ پوليس رشوت طلب ڪئي، جن جي رڪارڊنگ موبائيل فون ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٽريفڪ پوليس وارا مڇرجي پيا

ھن ٻڌايو ته پوليس عملدارن تعصب جي بنياد تي بنا جواز منهنجي ڀائرن ۽ سئوٽ مٿان 3 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري کين لاڪ اپ ۾ بند ڪري ڇڏيو،

نورالصباح راجپوت چيو ته مان عورت جي ناتي پوليس عملدارن کي منٿون ڪيون پر هنن هڪ نه ٻڌي مونکي  پرائي صوبي ۽ پرائي شهر ۾ اڪليو روڊن تي دربدر ڪيو ويو،

هن وزير اعظم ميان محمد شهباز شريف، پنجاب جي عورت وزير اعلي مريم نواز ، آءِ جي پنجاب، ڊي آءِ جي ٽريفڪ پنجاب سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • رستم واسي نوجوان جو ڪراچي جي ايڌي سينٽر مان لاش هٿ

  • اداڪارا حميرا اصغر جو پوسٽ مارٽم، فليٽ جي به مسواڙ نه ڏنل هئي

  • لاڙڪاڻي جي ايڌي پينگهي ۾ حوا جي ڌيءَ جي آمد

  • اڇڙي ٿر واسي اغوا، زنجيرن ۾ قيد واري وڊيو وائرل، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب