پنجاب ۽ سنڌ مان 51 لک ٽن ڪڻڪ غائب ٿيڻ جو انڪشاف

پنجاب ۽ سنڌ مان 51 لک ٽن ڪڻڪ غائب ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (م ڊ)  پنجاب مان مبينه طور تي 45 لک ٽن ۽ سنڌ مان 6 لک ٽن ڪڻڪ رڪارڊ مان غائب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ڪڻڪ بحران جي جاچ نه ٿيڻ جي صورت ۾ امپورٽ بل هڪ ارب ڊالر تائين پهچڻ جو امڪان آهي جنهن تي ڪڻڪ جي بحران ۽ امڪاني ذخيره اندوزي جي حوالي سان سوال اٿڻ لڳا آهن. ذريعن موجب پنجاب مان ڪڻڪ غائب ٿيڻ جو انڪشاف هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ٿيو جنهن ۾ پنجاب جي آفيسرن ٻين صوبن کان پڇا ڪئي ته اها ڪڻڪ انهن جي صوبن ۾ منتقل ٿي آهي جڏهن ته ٻين صوبن لاعلمي جو اظهار ڪندي خدشو ظاهر ڪيو ته ڪڻڪ ذخيرو ٿي هوندي.