پنجاب ۽ ڪي پي جون چونڊون منهنجي نگران وزيراعظم بڻجڻ کان اڳ دير جو شڪار ٿيون: انوار الحق ڪاڪڙ

آڪٽوبر 30, 2023

نگران وزير اعظم انوار الحق چيو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواه جون چونڊون منهنجي نگران وزيراعظم بڻجڻ کان اڳ دير جو شڪار ٿي ويون هيون

هن چيو ته  آرٽيڪل 254۾ چيو ويو آهي ته ڪو ڪم دير سان ٿيڻ ڪري غير آئيني نٿو ٿي سگهي،  اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ نگران سرڪار نه پر اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ آهي، ملڪ ۾ هن وقت عبوري جمهوريت آهي، جمهوريت مستحڪم ناهي

لاهور ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته نوجوان ملڪ جو سرمايو آهن، درست فيصلا اوهان جي ترقي ۽ خوشحالي جا ضامن هوندا آهن

Leave A Comment